جلب ديرو

جلب ديرو: هيءُ قديم ڳوٺ ديھه چاڪر ڪوٽ، تپي ڊرگھه بالا، تعلقي جوھي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. جلب ديرو ڪاڇي جو مشھور ڳوٺ آھي. ڳوٺ جي ڏکڻ اولھه ۾ وڏو قبرستان آھي، جيڪو چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھي. قبرستان ۾ ٻه رانڪون به ٺھيل آھن، جن جي مٿان گنبذ ڏنل آھن. گنبذ اٺڪنڊي ڳَچ (Neck) جي مٿان ٺاھيا ويا آھن. انھن ٻنھي رانڪن جي ٻيڙ ٻنن (parapet) تي برجيون ٺھيل آھن. انھن ٻنھي مان اوڀر واري رانڪ ٻارهن دري نموني جي آھي ۽ اڏاوت ۾ ٻيءَ کان وڏيري آھي. ھنن مقبرن جو نمونو ساڳيو آھي، جيڪو ھن تر ۾ عام آھي، پر پوءِ به نشان اھڙا نرالا آھن، جو ھنن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي. اولھه واري رانڪ کي ڏکڻ ۾ لنگھه ڏنل آھي، لنگھه، ٻاھران توڙي اندران خاص نموني جو آھي، جيڪو ڪمري نما آھي. ڀتين تي کڻ ونگا پانيل قطارن ۾ ٺھيل آھن، ۽ اھي حاشيه (Dado) کان مٿي ڏنل آھن. ٻنھي رانڪن جي ڪنڊن تي برجيون ٺھيل آھن. برجين جي مٿان ننڍڙا گنبذڙا ٺھيل آھن.



لفظ جلب ديروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو